ٿڌو ڇنو

ٿڌو ڇَنو: شاديءَ جي هڪ رسم. نکيٽيءَ واري رات لانئن بعد اڳي اهو رواج هوندو هو، جو ڪنوار کي مائٽاڻن ڪپڙن جي جاءِ تي، ساهرن جي گهران آيل ڪپڙا پهرائي، ڇَني جي وچ ۾ بيهاري، هڪ جيڏيون سهيليون ۽ پوڙهيون پڪيون عورتون سندس چوڌاري بيهي جيڪو ڳيچ چونديون هيون، ان کي ”ٿڌو ڇَنو“ چوندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو